ايران جي پارليامينٽ اسپيڪر ۽ چيف مذاڪراتي نمائندي ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي اندروني تفصيل بيان ڪري ڇڏي آهي. سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ مذاڪرات کان واپسي تي هن ايراني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪي صدر جي ڌمڪي آميز بيانن کان پوءِ ايراني وفد ڳالهين کي ڇڏي ڏنو هو.
باقر قاليباف موجب ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران جي صدر، مذاڪراتي ٽيم ۽ ايران تي امڪاني حملن بابت ڌمڪيون ڏنيون ويون، جنهن کان پوءِ ايران واضح ڪيو ته هو ڪنهن به قسم جي ڌمڪي يا دٻاءَ هيٺ ڳالهين کي جاري نٿو رکي سگهي. هن ٻڌايو ته اسان نائب صدر جِي ڊي وينس کي به اهو پيغام ڏنو ته ايران صرف باعزت ۽ بنا دٻاءَ جي ڳالهين تي يقين رکي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته ڌمڪي آميز بيانن بعد ايراني وفد ڳالهين مان واپس هليو ويو ۽ ٻيهر واپسي نه ڪئي. آمريڪا طرفان ثالثن ذريعي ٻي ملاقات جي درخواست ڪئي وئي، پر ايران ان کي رد ڪري ڇڏيو. قاليباف موجب قطر ۽ پاڪستان جا ثالث به ايراني وفد سان مليا، جڏهن ته ايران واضح ڪيو ته هو صرف ثالثن سان ڳالهائيندو، سڌي آمريڪي وفد سان نه.