ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
جاپاني شاگرد پنهنجي ٽيم جو ميچ ڏسڻ لاءِ 1200 ميل سائيڪل تي سفر ڪري ويو

جاپاني شاگرد پنهنجي ٽيم جو ميچ ڏسڻ لاءِ 1200 ميل سائيڪل تي سفر ڪري ويو

فٽبال ورلڊ ڪپ اهڙو ايونٽ آهي، جنهن ۾ پنهنجي پسنديده ٽيم کي لائيو ايڪشن ۾ ڏسڻ لاءِ مداح هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن.

اهڙو ئي هڪ دلچسپ واقعو تازو ڊيلاس ۾ جاپان ۽ نيدرلينڊز وچ ۾ کيڏيل ميچ دوران ڏسڻ ۾ آيو.

آمريڪا جي هڪ يونيورسٽي ۾ زير تعليم جاپاني شاگرد پنهنجي قومي ٽيم جو ميچ ڏسڻ لاءِ 1200 ميل سائيڪل تي سفر ڪيو.

22 ورهين جو يوٽو پنسلوانيا رياست جي پٽسبرگ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.

جاپاني ٽيم جو پهريون ميچ ٽيڪساس رياست جي شهر ڊيلاس ۾ ٿيو ۽ يوٽو پنهنجي قومي ٽيم کي ميدان ۾ کيڏندي ڏسڻ چاهيو.

ان مقصد لاءِ هن هوائي جهاز يا ٻي ٽرانسپورٽ استعمال ڪرڻ بدران آمريڪا جي مختلف رياستن مان سائيڪل تي سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏني ته جيئن ميچ سان گڏ اهو سفر به يادگار بڻجي وڃي.

هن پنهنجي مهم جو آغاز مئي جي وچ ڌاري ڪيو.

جاپان جي ٽيم کي آمريڪي سرزمين تي کيڏندي ڏسڻ لاءِ هن هڪ سائيڪل ۽ سفر لاءِ ضروري سامان خريد ڪيو.

يوٽو جو چوڻ هو ته "اسان جي ٽيم هن سال چيمپيئن بڻجڻ واري آهي."

پنسلوانيا کان اتر ٽيڪساس تائين ڪيترن ئي هفتن تي ٻڌل هن سفر دوران يوٽو ڪيترين آمريڪي رياستن مان گذريو، جڏهن ته اهو سفر بلڪل به آسان نه هو.

سفر دوران کيس ڪيترن ئي چيلينجن کي منهن ڏيڻو پيو، جن مان هڪ اهو به هو ته سندس سائيڪل جو ٽائر ڇهه ڀيرا پنڪچر ٿيو.

هو هر شام سوشل ميڊيا تي پنهنجي دوستن کي سفر بابت آگاهه ڪندو رهيو ۽ نون علائقن جون تصويرون ۽ تجربا شيئر ڪندو رهيو.

مختلف علائقن ۾ ماڻهن سندس بهترين مهمان نوازي ڪئي، جڏهن ته کيس ڪيترين ئي برادرين بابت نيون ڳالهيون سکڻ جو موقعو پڻ مليو.

يوٽو جو چوڻ آهي ته هر انسان پنهنجي خوابن کي حقيقت جو روپ ڏئي سگهي ٿو، ۽ کيس اميد آهي ته سندس ڪهاڻي ٻين نوجوانن کي به همٿ ۽ حوصلا فراهم ڪندي ته هو مشڪلاتن کي منهن ڏئي پنهنجي خوابن کي ساڀيان ڪن.

ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
فرانس ۾ سخت گرمي، هڪ هفتي دوران 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت
فرانس ۾ سخت گرمي، هڪ هفتي دوران 2 هزار کان وڌيڪ ما…
03 Jul 2026
طاقتور ايل نينو سسٽم سرگرم ٿيڻ جي اڳڪٿي، عالمي گرمي ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو
طاقتور ايل نينو سسٽم سرگرم ٿيڻ جي اڳڪٿي، عالمي گرم…
04 Jul 2026
سعودي اتحاد جو يمن جي حوثين کي خبردار، حملي جي صورت ۾ سخت جواب جو اعلان
سعودي اتحاد جو يمن جي حوثين کي خبردار، حملي جي صور…
04 Jul 2026
ارجنٽينا ڪيپ ورڊي کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي
ارجنٽينا ڪيپ ورڊي کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پ…
04 Jul 2026
آبنائے هرمز غير علائقائي طاقتن جي فوجي مظاهرن جو ميدان ناهي، ايران جو خبردار
آبنائے هرمز غير علائقائي طاقتن جي فوجي مظاهرن جو م…
04 Jul 2026
ٽرمپ جو اعلان: ايران سان معاهدو ختم، وڌيڪ ڳالهين کان انڪار
ٽرمپ جو اعلان: ايران سان معاهدو ختم، وڌيڪ ڳالهين ک…
08 Jul 2026
منشيات ڪيس: اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيورٽ ميڪگل جي ضمانت واري اپيل رد
منشيات ڪيس: اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيورٽ ميڪگل جي…
08 Jul 2026
واشنگٹن: چین کے بحرالکاہل میں بیلسٹک میزائل تجربے پر امریکا نے تشویش کا اظہار کر دیا۔  خبر ایجنسی کے مطابق امریکی محکمہ
واشنگٹن: چین کے بحرالکاہل میں بیلسٹک میزائل تجربے …
09 Jul 2026
جاپان ۾ عورت پنهنجي هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان سِي ڇڏي
جاپان ۾ عورت پنهنجي هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان…
09 Jul 2026
سعودي عرب پاڪستان سميت 7 ملڪن جي شهرين لاءِ سياحتي پيڪيج ويزا متعارف ڪرائي ڇڏيو
سعودي عرب پاڪستان سميت 7 ملڪن جي شهرين لاءِ سياحتي…
09 Jul 2026