بالي ووڊ اداڪارا ۽ لوڪ سڀا جي ميمبر ڪنگنا رناوت نون اداڪارن کي جواب ڏيندي چيو آهي ته حسد ۽ ناراضگي جهڙا احساس انتهائي زهريلا هوندا آهن، جن کي شعوري طور ختم ڪرڻ گهرجي. پنهنجي نئين فلم "ڀارت ڀاگيه ودھاتا" جي رليز جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته انسان کي هميشه انهن ماڻهن کان سکڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي جيڪي وڌيڪ باصلاحيت هجن، جڏهن ته گهٽ تجربي يا صلاحيت رکندڙ ماڻهن جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي.
ڪنگنا وڌيڪ چيو ته هن پنهنجي ڪيريئر دوران گهڻو ڪجهه ٻين کي ڏسي ۽ انهن کان سکيو آهي. هن ديپيڪا پڊوڪون سميت پنهنجي همعصر اداڪارائن جي تعريف ڪندي چيو ته سندن ايٿليٽڪ پس منظر ۽ فٽنيس بابت نظم و ضبط قابلِ تعريف آهي. هن ديپيڪا جي 8 ڪلاڪ ڪم واري مطالبي جي به حمايت ڪندي چيو ته هڪ ٽاپ اداڪارا هجڻ جي حيثيت سان کيس اهڙي درخواست ڪرڻ جو پورو حق حاصل آهي.
نون اداڪارن ۾ وڌندڙ منفي سوچ، حسد ۽ عدم تحفظ بابت ڳالهائيندي ڪنگنا چيو ته هن ڪڏهن به اهڙن احساسن کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه ڏنو. سندس چوڻ هو ته نوجوان نسل ۾ وڌندڙ حسد ۽ ناراضگي جو رجحان سٺو ناهي، ڇو ته اهي احساس فرد ۽ سماج ٻنهي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندا آهن.