ڪراچي ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ سائوٿ جي عدالت ۾ سوشل ميڊيا انفلوينسر ڊاڪٽر مدیحہ سان مبينا پراپرٽي فراڊ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ گرفتار ملزم احمد علي جي ضمانت واري درخواست تي دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو ويو. مدعیه ڊاڪٽر مدیحہ عدالت ۾ مؤقف اختيار ڪيو ته ملزم کيس 120 گز جو پلاٽ ڏيکاري هڪ ڪروڙ روپين جو فراڊ ڪيو، جڏهن ته ملزم جعلي دستاويز تيار ڪرايا ۽ هڪ جعلي مالڪ سان به ملاقات ڪرائي.
درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ملزم اٺ مهينا مفرور رهيو ۽ ان جي اڳواٽ گرفتاري واري ضمانت به رد ٿي چڪي آهي. وڪيل موجب ملزم خلاف ٿاڻو ساحل ۾ ڪيس داخل ٿيل آهي. عدالت سڀني دليلن جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.