ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
ڪالام ۾ ڍنڍ سيف الله ٻيڙي حادثي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

ڪالام ۾ ڍنڍ سيف الله ٻيڙي حادثي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم


پشاور: خيبرپختونخوا حڪومت ڪالام ۾ ڍنڍ سيف الله تي پيش آيل ٻيڙي حادثي جي جاچ لاءِ ٻه رڪني انڪوائري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.

صوبائي حڪومت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اسپيشل سيڪريٽري بين الصوبائي رابطا محمد اياز کي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسپيشل سيڪريٽري خزانه زبير احمد ڪميٽي جو ميمبر هوندو.

نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي ٻيڙي حادثي جا سمورا حقيقتون، واقعن جي ترتيب ۽ حادثي جي بنيادي سببن جو تفصيلي جائزو وٺندي. ان سان گڏ ٻيڙي جي فني حالت، حادثي وقت موسم، آپريشنل صورتحال ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جو به جائزو ورتو ويندو.

ڪميٽي اها به جاچ ڪندي ته ٻيڙي جي آپريشن دوران لاڳاپيل قانونن، اجازت نامن ۽ حفاظتي گهرجن تي عمل ڪيو ويو هو يا نه. ان کان علاوه ٻيڙي هلائيندڙ جي لائسنس، اهليت ۽ قانوني اجازت سان لاڳاپيل سڀني پهلوئن جو به جائزو ورتو ويندو.

نوٽيفڪيشن موجب حادثي وقت لائيف جيڪٽن، ريسڪيو سامان ۽ ٻين حفاظتي انتظامن جي موجودگي ۽ انهن جي مؤثر استعمال جو به تفصيلي جائزو ورتو ويندو. ڪميٽي انتظامي، قانوني ۽ ريگيوليٽري خامين جي نشاندهي ڪندي ۽ انهن جي تدارڪ لاءِ سفارشون پيش ڪندي، جڏهن ته مستقبل ۾ سياحتي ۽ تفريحي هنڌن تي اهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ به جامع سفارشون ڏيندي.

صوبائي حڪومت ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي مڪمل رپورٽ 7 ڏينهن اندر حڪومت کي پيش ڪري.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گهوٽ جي گهر مان فرار
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گه…
07 Jul 2026
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي منظوري
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي…
08 Jul 2026
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير سوار هو؟
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير س…
08 Jul 2026
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ “پنهنجو گهر، محفوظ گهر” اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ…
08 Jul 2026
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منص…
08 Jul 2026
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽ ڇڪتاڻ وڌندي: بئريسٽر گوهر
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽…
08 Jul 2026
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمبر تي رهيو؟
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمب…
08 Jul 2026
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
09 Jul 2026
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاهيندڙ منظم ٽولو گرفتار
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاه…
09 Jul 2026
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم برقرار
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گر…
09 Jul 2026