ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ قيدين جي فهرستن جو ڏي وٺ

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ قيدين جي فهرستن جو ڏي وٺ

اسلام آباد: پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ قيدين جي فهرستن جو باضابطه ڏي وٺ ڪيو ويو آهي. سفارتي ذريعن موجب پاڪستان ڀارت کي 715 قيدين تي ٻڌل فهرست فراهم ڪئي آهي، جنهن ۾ 409 شهري قيدي ۽ 306 مهاڻا شامل آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين دهلي ۾ پاڪستاني مشن جي سربراهه سعد وڙائچ قيدين جي فهرست ڀارتي حڪومت جي حوالي ڪئي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ڀارتي مشن جي سربراهه گيتيڪا شريواستو ڀارت ۾ موجود پاڪستاني قيدين جي فهرست پاڪستاني اختيارين کي فراهم ڪئي.

سفارتي ذريعن موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ قيدين بابت معلومات جي مٽاسٽا قونصلر رسائي واري 2008ع جي معاهدي تحت ڪئي ويندي آهي. هن معاهدي موجب پاڪستان ۽ ڀارت هر سال باقاعدي طور هڪ ٻئي جي تحويل ۾ موجود قيدين ۽ مهاڻن جي فهرستن جو ڏي وٺ ڪندا آهن، جنهن جو مقصد قيدين جي سڃاڻپ، قونصلر سهولتن جي فراهمي ۽ سندن جلد واپسي جي عمل کي آسان بڻائڻ آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ قيدين ۽ مهاڻن جو معاملو ڪيترن سالن کان انساني همدردي جي بنيادن تي اهميت رکي ٿو، ۽ ٻنهي ملڪن طرفان وقت بوقت اهڙين فهرستن جي ڏي وٺ ذريعي قيدين بابت معلومات تازه ڪئي ويندي آهي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گهوٽ جي گهر مان فرار
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گه…
07 Jul 2026
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي منظوري
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي…
08 Jul 2026
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير سوار هو؟
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير س…
08 Jul 2026
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ “پنهنجو گهر، محفوظ گهر” اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ…
08 Jul 2026
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منص…
08 Jul 2026
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽ ڇڪتاڻ وڌندي: بئريسٽر گوهر
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽…
08 Jul 2026
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمبر تي رهيو؟
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمب…
08 Jul 2026
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
09 Jul 2026
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاهيندڙ منظم ٽولو گرفتار
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاه…
09 Jul 2026
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم برقرار
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گر…
09 Jul 2026