اسلام آباد: پاڪستان ۾ برقي گاڏين (اليڪٽرڪ وهيڪلز) جي وڌندڙ رجحان کي نظر ۾ رکندي اندازو لڳايو ويو آهي ته 2030ع تائين ملڪ جي روڊن تي مختلف قسمن جون لڳ ڀڳ 22 لک برقي گاڏيون هلنديون. اها ڄاڻ سينيٽ جي صنعت ۽ پيداوار بابت قائمہ ڪميٽي جي اجلاس دوران اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي تي ڏنل بريفنگ ۾ ڏني وئي.
بريفنگ موجب، هن وقت تائين ملڪ ۾ 12 هزار 800 کان وڌيڪ برقي گاڏيون ۽ لڳ ڀڳ هڪ لک 60 هزار برقي موٽر سائيڪلون تيار ڪيون ويون آهن. حڪومت ٻن ۽ ٽن ڦيٿن وارين برقي گاڏين لاءِ 9 ارب رپين جي سبسڊي مختص ڪئي آهي، جڏهن ته برقي موٽر سائيڪل خريد ڪندڙ اهل شهرين کي في موٽر سائيڪل 80 هزار رپين جي سبسڊي پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي.