اسلام آباد: پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگرد گروهن جي انفرااسٽرڪچر خلاف ڪارروائي بابت ڀارت جي بيان کي بي بنياد، مضحڪه خيز ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏيندي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي ڀارتي پرڏيهي وزارت جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته ڀارت پاڻ پاڪستان خلاف افغان سرزمين تان سرگرم دهشتگرد گروهن جي سرپرستي ڪندو رهيو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پابندين واري نظام جي به ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان خلاف بي بنياد الزام اهو ملڪ هڻي رهيو آهي جيڪو والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي حقِ خود اراديت کي دٻائڻ ۾ مصروف آهي. ترجمان موجب ڀارت جو رويو گڏيل قومن جي چارٽر جي به کليل خلاف ورزي آهي ۽ هو مسلسل علائقائي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي شهرين جي سلامتي ۽ قومي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مناسب قدم کڻندو رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به هر ضروري قدم کڻندو.