وزيراعظم شهباز شريف ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري سفارتي ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي جو آڌرڀاءُ ڪندي چيو آهي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي انتھڪ ڪوششن، عزم ۽ ثابت قدمي کانسواءِ هي پيش رفت ممڪن نه هئي. هن چيو ته سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ ٿيل اعليٰ سطحي ڪميٽي جي پهرين اجلاس دوران 60 ڏينهن اندر حتمي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته وڌيڪ فني ڳالهين ۽ سياسي نگراني لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم آمريڪا، ايران، قطر ۽ سوئس حڪومت جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان خطي ۽ دنيا ۾ امن، سفارتڪاري ۽ ڳالهين جي فروغ لاءِ پنهنجو مثبت ۽ مخلصاڻو ڪردار جاري رکندو.