وزيراعظم شهباز شريف هن هفتي ايران جو دورو ڪندو
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف هن هفتي ايران جو دورو ڪندو، جتي هو آيت الله علي خامنه اي جي تعزيتي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ذريعن موجب وزيراعظم جولاءِ جي پهرين هفتي دوران تهران پهچندو ۽ تقريب ۾ شرڪت کان پوءِ پنهنجو سرڪاري دورو مڪمل ڪري ترڪيه روانو ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف آيت الله علي خامنه اي جي ياد ۾ منعقد ٿيندڙ تعزيتي تقريب ۾ شرڪت ڪري پاڪستاني عوام جي طرفان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندو. هن دوري کي ٻنهي ملڪن جي ويجهن لاڳاپن جي عڪاسي قرار ڏنو پيو وڃي.
ٻئي طرف، ايران جي مجلس شوراءِ اسلامي جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق کي خط لکي تعزيتي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي. پنهنجي خط ۾ محمد باقر قاليباف پاڪستان جي عوام، اياز صادق ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ عزت، وقار، دوستي ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.
واضح رهي ته آيت الله علي خامنه اي جي تعزيتي تقريب 3 جولاءِ 2026ع تي تهران ۾ منعقد ٿيندي، جنهن ۾ مختلف ملڪن جي اڳواڻن، سفارتڪارن ۽ اهم شخصيتن جي شرڪت متوقع آهي.