ڪراچي: موسميات کاتي موجب اڄ اتر اوڀر پنجاب، مٿئين خيبرپختونخوا ۽ ڪشمير جي ڪجهه علائقن ۾ برسات پوڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ نمي وارو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ صبح سوير موسم ابرآلود رهيو، جڏهن ته ٻين شهرن ۾ گرمي جي شدت برقرار رهڻ جو امڪان آهي. گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي نوڪنڊي ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي.
ان کان علاوه دالبندين، جيڪب آباد ۽ دادو ۾ 44، سکر ۾ 43، ملتان، ڊيره غازي خان، سرگودها ۽ چلاس ۾ 41، مظفرآباد ۾ 39، جڏهن ته لاهور، اسلام آباد، پشاور، ڪوئيٽا ۽ گلگت ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.