پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا نيئلم منير هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي بحث جو مرڪز بڻجي وئي آهي، جڏهن ته هن ڀيري سبب سندس ڪو نئون ڊرامو يا فلم نه، پر هڪ عوامي تقريب ۾ شرڪت آهي، جنهن کان پوءِ مداحن ۾ خوشخبري بابت قياس آرائيون تيز ٿي ويون آهن.
نيئلم منير، جنهن ننڍي عمر کان پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي ۽ پوءِ پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي صفِ اول جي اداڪارائن ۾ شمار ٿيڻ لڳي، شادي کان پوءِ گهڻو ڪري دبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي ۽ هاڻي هوءَ صرف چونڊيل تقريبن ۾ ئي نظر اچي ٿي.
تازو هوءَ هڪ تقريب ۾ شاهانه نيري لباس ۾ شرڪت ڪندي نظر آئي، جتي هن افتتاحي ربن ڪٽي ۽ مداحن سان ملاقات به ڪئي. ان تقريب جون تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي صارفين اندازا لڳائڻ شروع ڪيا ته شايد اداڪارا پنهنجي پهرين ٻار جي منتظر آهي.
تقريب دوران نيئلم منير پُراعتماد ۽ خوشگوار مزاج ۾ نظر آئي، جتي هن شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي ۽ مداحن سان وقت به گذاريو. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل مواد کان پوءِ وڏي تعداد ۾ مداحن سندس لاءِ نيڪ تمنائن ۽ دعائن جو اظهار ڪيو آهي.
تاهم اداڪارا يا سندس خاندان طرفان هن حوالي سان ڪا به باضابطه تصديق يا ترديد سامهون نه آئي آهي، جنهن سبب هي خبرون هن وقت صرف قياس آرائين تائين محدود آهن. ان باوجود مداحن جي طرفان مبارڪن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو سندس زندگي جي هن ممڪن نئين مرحلي بابت خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن.
نيئلم منير جي خاموشي تجسس کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي، پر مداح اڃا تائين سندس ڪنهن به باضابطه اعلان جا منتظر آهن.