كيف: روس هڪ ڀيرو ٻيهر يوڪرين جي گاديءَ واري شهر كيف تي ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي حملو ڪيو آهي.
يوڪريني اختيارين موجب، روسي ڊرون ۽ ميزائل حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ڄڻا فوت ۽ 34 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
يوڪريني فوج موجب، حملن دوران رهائشي عمارتن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته حملن کانپوءِ هڪ هوٽل ۾ باهه لڳي وئي ۽ 6 ماڙ رهائشي عمارت پڻ ڊهي پئي.
ٻئي پاسي، روسي بچاءَ واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته يوڪرين جي علائقن دنيپروپيٽروسڪ ۽ پولتاوا ۾ واقع هوائي اڏن کي به نشانو بڻايو ويو آهي.