ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
سنم سعيد پنهنجي صورت ۽ حليي بابت ٿيندڙ منفي تبصرن تي جواب ڏئي ڇڏيو

سنم سعيد پنهنجي صورت ۽ حليي بابت ٿيندڙ منفي تبصرن تي جواب ڏئي ڇڏيو

پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي باصلاحيت ۽ ورسٽائل اداڪارا سنم سعيد سوشل ميڊيا تي پنهنجي صورت ۽ حليي بابت ٿيندڙ تنقيد تي آخرڪار جواب ڏئي ڇڏيو آهي. تازو هوءَ عاصم يار جي شو “اسٽار اينڊ اسٽائل سيزن 5” ۾ شرڪت لاءِ پهتي، جتي هن پنهنجي ڪيريئر ۽ سوشل ميڊيا ٽرولنگ بابت کلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

شو دوران ميزبان پڇيو ته ڇا کيس ڪڏهن سوشل ميڊيا تي منفي تبصرن يا ٽرولنگ جو سامنا ٿيو آهي؟ سنم سعيد ٻڌايو ته خوش قسمتي سان کيس پنهنجي ڪيريئر ۾ تمام گهٽ منفي رويو ڏسڻو پيو آهي، جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن طرفان صرف “ڪوجي” يا “کوجي” جهڙا لفظ استعمال ڪيا ويا.

ميزبان وضاحت ڪئي ته “ڪوجي” جو مطلب روايتي خوبصورتي جي معيار تي پورو نه لهندڙ چهرو ۽ “کوجي” جو مطلب جاسوس آهي. ان تي ردعمل ڏيندي سنم سعيد اعتماد سان چيو ته جيڪڏهن کيس صرف “ڪوجي” چيو ويو آهي ته هوءَ ان کي ٽرولنگ نٿي سمجهي، ڇو ته اهو دراصل ان جي خالق تي تبصرو آهي. هن چيو، “الله مون کي جهڙو بڻايو آهي، مان ان تي مطمئن آهيان.”

عاصم يار گفتگو دوران اهو به چيو ته پاڪستان ۾ عام طور تي گوري رنگت ۽ مخصوص نقشن کي خوبصورتي جو معيار سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته دنيا جي ٻين حصن ۾ ڪڻڪ رنگت کي به ساراهيو ويندو آهي. ان تي سنم سعيد چيو ته سندس چهرو ڪلاسيڪل پاڪستاني فيچرز رکي ٿو ۽ اڪثر ماڻهو کيس مختلف اداڪارائن سان مشابهت ڏين ٿا.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
پريتي زنٽا به اي آءِ ڊيپ فيڪ وڊيوز جو شڪار، بمبئي هاءِ ڪورٽ سان رجوع
پريتي زنٽا به اي آءِ ڊيپ فيڪ وڊيوز جو شڪار، بمبئي …
04 Jul 2026
’هيرا ڦيري 3‘ شايد ڪڏهن به نه ٺهي، هدايتڪار پريا درشن جو وڏو انڪشاف
’هيرا ڦيري 3‘ شايد ڪڏهن به نه ٺهي، هدايتڪار پريا د…
04 Jul 2026
عامر خان ۽ گوري اسپرٽ جي شادي جي مهمانن ۽ مينيو جا تفصيل سامهون اچي ويا
عامر خان ۽ گوري اسپرٽ جي شادي جي مهمانن ۽ مينيو جا…
04 Jul 2026
بالي ووڊ پروڊيوسر بوني ڪپور جي ڌيءَ انشولا ڪپور شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي
بالي ووڊ پروڊيوسر بوني ڪپور جي ڌيءَ انشولا ڪپور شا…
07 Jul 2026
"جڏهن به شادي ڪندس ته فخر سان اعلان ڪندس"، آغا علي
"جڏهن به شادي ڪندس ته فخر سان اعلان ڪندس"، آغا علي
07 Jul 2026
پاڪستان جو ناميارو مزاحيه فنڪار الله رکها پيپسي لاڏاڻو ڪري ويو
پاڪستان جو ناميارو مزاحيه فنڪار الله رکها پيپسي لا…
07 Jul 2026
ڌرميندر وفات کان اڳ آخري پيغام ۾ ڇا چيو هو؟ هيما مالني ٻڌائي ڇڏيو
ڌرميندر وفات کان اڳ آخري پيغام ۾ ڇا چيو هو؟ هيما م…
08 Jul 2026
شاهه رخ خان سٺو اداڪار ناهي: فردوس جمال
شاهه رخ خان سٺو اداڪار ناهي: فردوس جمال
09 Jul 2026
مشهور بالي ووڊ اداڪار کي شوٽنگ دوران زهريلي جيت ڪٽي ڇڏيو، حالت ڳڻتي جوڳي
مشهور بالي ووڊ اداڪار کي شوٽنگ دوران زهريلي جيت ڪٽ…
09 Jul 2026
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامندي سان الڳ ٿياسين: وسيم عباس
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامند…
09 Jul 2026