ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
شرياس تلپڊي جو انڪشاف: شاهه رخ خان ۽ فرح خان ممبئي ۾ پهريون گهر خريد ڪرڻ ۾ مدد ڪئي

شرياس تلپڊي جو انڪشاف: شاهه رخ خان ۽ فرح خان ممبئي ۾ پهريون گهر خريد ڪرڻ ۾ مدد ڪئي

بالي ووڊ جي مشهور اداڪار شرياس تلپڊي انڪشاف ڪيو آهي ته سپر اسٽار شاهه رخ خان ۽ فلمساز فرح خان ممبئي ۾ سندس پهريون گهر خريد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڀارتي ميڊيا موجب فرح خان پنهنجي ڪوڪنگ بلاگ لاءِ تازو شرياس تلپڊي جي گهر جو دورو ڪيو، جتي ٻنهي ماضي جون يادون تازيون ڪيون.

ڳالهه ٻولهه دوران شرياس تلپڊي ٻڌايو ته هو فلم "اوم شانتي اوم" جي ڪري پنهنجو پهريون گهر خريد ڪرڻ جي قابل بڻيو. هن چيو ته جڏهن هو گهر لاءِ قرض حاصل ڪرڻ خاطر بينڪ ويو ته شروعاتي طور تي سندس قرض جي درخواست منظور ٿيڻ جا امڪان گهٽ هئا. بينڪ ۾ موجود هڪ خاتون کانئس پڇيو ته هو ڪهڙي فلم تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن تي هن جواب ڏنو ته هو "اوم شانتي اوم" ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن جي هدايتڪاره فرح خان آهي ۽ جنهن ۾ مرڪزي ڪردار شاهه رخ خان ادا ڪري رهيو آهي.

شرياس موجب بينڪ جي خاتون کيس شاهه رخ خان ۽ فرح خان طرفان تصديقي خط آڻڻ لاءِ چيو. ان کان پوءِ هن فرح خان سان رابطو ڪيو، جنهن ٻن ڏينهن اندر شاهه رخ خان کان خط وٺي ڏنو. شرياس ٻڌايو ته خط جمع ڪرائڻ کان پوءِ ساڳئي شام بينڪ سندس گهر واري قرض جي درخواست منظور ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته "اوم شانتي اوم" سال 2007ع ۾ رليز ٿي هئي، جيڪا ان سال جي ڪامياب ترين فلمن مان هڪ هئي. فلم ۾ شاهه رخ خان سان گڏ ديپيڪا پڊوڪون سميت ڪيترن ئي مشهور اداڪارن اهم ڪردار ادا ڪيا هئا.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
پريتي زنٽا به اي آءِ ڊيپ فيڪ وڊيوز جو شڪار، بمبئي هاءِ ڪورٽ سان رجوع
پريتي زنٽا به اي آءِ ڊيپ فيڪ وڊيوز جو شڪار، بمبئي …
04 Jul 2026
’هيرا ڦيري 3‘ شايد ڪڏهن به نه ٺهي، هدايتڪار پريا درشن جو وڏو انڪشاف
’هيرا ڦيري 3‘ شايد ڪڏهن به نه ٺهي، هدايتڪار پريا د…
04 Jul 2026
عامر خان ۽ گوري اسپرٽ جي شادي جي مهمانن ۽ مينيو جا تفصيل سامهون اچي ويا
عامر خان ۽ گوري اسپرٽ جي شادي جي مهمانن ۽ مينيو جا…
04 Jul 2026
بالي ووڊ پروڊيوسر بوني ڪپور جي ڌيءَ انشولا ڪپور شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي
بالي ووڊ پروڊيوسر بوني ڪپور جي ڌيءَ انشولا ڪپور شا…
07 Jul 2026
"جڏهن به شادي ڪندس ته فخر سان اعلان ڪندس"، آغا علي
"جڏهن به شادي ڪندس ته فخر سان اعلان ڪندس"، آغا علي
07 Jul 2026
پاڪستان جو ناميارو مزاحيه فنڪار الله رکها پيپسي لاڏاڻو ڪري ويو
پاڪستان جو ناميارو مزاحيه فنڪار الله رکها پيپسي لا…
07 Jul 2026
ڌرميندر وفات کان اڳ آخري پيغام ۾ ڇا چيو هو؟ هيما مالني ٻڌائي ڇڏيو
ڌرميندر وفات کان اڳ آخري پيغام ۾ ڇا چيو هو؟ هيما م…
08 Jul 2026
شاهه رخ خان سٺو اداڪار ناهي: فردوس جمال
شاهه رخ خان سٺو اداڪار ناهي: فردوس جمال
09 Jul 2026
مشهور بالي ووڊ اداڪار کي شوٽنگ دوران زهريلي جيت ڪٽي ڇڏيو، حالت ڳڻتي جوڳي
مشهور بالي ووڊ اداڪار کي شوٽنگ دوران زهريلي جيت ڪٽ…
09 Jul 2026
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامندي سان الڳ ٿياسين: وسيم عباس
منهنجي ۽ صبا جي شادي 29 سال هلي، پوءِ باهمي رضامند…
09 Jul 2026