پاڪستان جي سينيئر اداڪارا ۽ ميزبان بشريٰ انصاري هڪ اهم انڪشاف ڪندي چيو آهي ته شوبز انڊسٽري جون ڪيتريون ئي مشهور ۽ ڪامياب اداڪارائون اهڙيون آهن، جن کي سندن والد ننڍپڻ ۾ ئي ڇڏي ويا هئا.
پنهنجي هڪ تازي وي لاگ ۾ ڳالهائيندي بشريٰ انصاري ڪنهن جو نالو ظاهر ڪرڻ کانسواءِ چيو ته انڊسٽري ۾ ڪيترين ئي باصلاحيت اداڪارائن سخت حالتن ۾ زندگي گذاري، پنهنجي مائرن سان گڏ مائٽن وٽ رهيون ۽ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ بعد پنهنجي محنت سان وڏو مقام حاصل ڪيو.
هن چيو ته هوءَ اهو سمجهي نٿي سگهي ته ڪو والد پنهنجي ٻارن کي ڪيئن ڇڏي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته ڪجهه والد پنهنجي زالن سان اختلافن سبب ٻارن کان به لاتعلق ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ ڪڏهن به انهن جي زندگي ڏانهن موٽي نٿا ڏسن.
بشريٰ انصاري وڌيڪ چيو ته ڇا اهڙا والد پنهنجي ڌيئرن بابت نٿا سوچين؟ ڇا هو نٿا ڏسن ته سندن ٻار اڳتي وڌي رهيا آهن، پر پوءِ به انهن کي محبت ۽ توجهه نٿا ڏين؟
سندس چوڻ هو ته ٻارن کي والدين جي محبت ۽ سهاري جي ضرورت هوندي آهي، ۽ جيڪي والدين پنهنجي ذاتي اختلافن سبب ٻارن کي نظرانداز ڪن ٿا، اهي وڏو ظلم ڪن ٿا. بشريٰ انصاري چيو ته الله اهڙن ماڻهن کان ضرور پڇاڻو ڪندو.