لاهور: پوليس نون ڄاول ٻار کي زمين ۾ دفن ڪرڻ جي مبينا ڪوشش ناڪام بڻائيندي هڪ مرد ۽ ٻن عورتن سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب، اهو واقعو لاهور جي نواب ٽائون واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي بروقت ڪارروائي ڪندي ٻار کي محفوظ بڻايو ويو.
ڊي آءِ جي آپريشنز جي ترجمان موجب، جوابدار زمين ۾ کڏ کوٽي نون ڄاول ٻار کي دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر پوليس وقت سر پهچي ڪارروائي ڪندي کين گرفتار ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ دوران جوابدارن مبينا اسقاط حمل بابت ڪجهه انڪشاف ڪيا آهن. اختيارين موجب، واقعي جي سڀني پهلوئن کان شفاف ۽ ميرٽ جي بنياد تي جاچ جاري آهي، جڏهن ته ڪيس بابت وڌيڪ قانوني ڪارروائي پڻ عمل ۾ آندي پئي وڃي.