ميڪسيڪو سٽي: 40 سالن کانپوءِ فيفا ورلڊ ڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچڻ جي خوشي افسوسناڪ واقعي ۾ تبديل ٿي وئي، جشن دوران ڀاڄ مچڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 3 ڄڻا دم گهٽجڻ سبب فوت ٿي ويا.
فٽبال ورلڊ ڪپ جي رائونڊ آف ٿرٽي ٽو ۾ ميڪسيڪو ايڪواڊور کي 2-0 تان شڪست ڏئي 40 سالن کانپوءِ پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.
هن ڪاميابي کانپوءِ ميڪسيڪو سٽي ۾ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو جشن ملهائڻ لاءِ گهٽين ۾ نڪري آيا. شهر جي انتظاميا موجب، گهڻا ماڻهو شهر جي مرڪز ۾ واقع اينجل آف انڊيپينڊنس جي چوڌاري گڏ ٿيا هئا.
ميچ کانپوءِ جشن شهر جي مختلف علائقن ۾ دير تائين جاري رهيو، جتي آتشبازي پڻ ڪئي وئي.
پر جشن دوران ايمرجنسي سروسز مختلف هنڌن تان 3 بيهوش ماڻهن کي ابتدائي طبي امداد ۽ سي پي آر (CPR) ڏيڻ کانپوءِ اسپتال منتقل ڪيو، پر ٽيئي ڄڻا دم گهٽجڻ سبب فوت ٿي ويا.
صحت کاتي موجب فوت ٿيلن ۾ 19 ورهين جي هڪ ڇوڪري، 48 ورهين جي هڪ عورت ۽ 44 ورهين جو هڪ مرد شامل آهن.
ميڪسيڪو سٽي جي ميئر ڪلارا بروگاڊا متاثر خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. بعد ۾ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن مداحن کي اپيل ڪئي ته "جشن هميشه ذميواري، احتياط ۽ همدردي سان ملهايو."