مانسهره: تفريح ۽ سير سپاٽي لاءِ ناران آيل دوستن کي درياءِ ڪنهار ۾ وڊيو ٺاهڻ جي ڪوشش مهانگي پئجي وئي، جتي تيز وهڪري سبب سندن گاڏي پاڻي ۾ وهي وئي. پوليس موجب ڪجهه دوست وڊيو ٺاهڻ جي مقصد سان پنهنجي گاڏي درياهه مان گذارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر پاڻي جي تيز وهڪري سبب گاڏي تي ڪنٽرول نه رهي سگهيو ۽ اها درياهه ۾ وهي وئي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون فوري طور تي پهتيون ۽ بروقت ڪارروائي ڪندي گاڏي ۾ موجود چئن ئي دوستن کي محفوظ طور بچائي ورتو. خوشقسمتي سان واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي.
ڊي ايس پي صداقت خان موجب درياهه ۾ وهندڙ گاڏي کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته سياحن کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته هو تفريح دوران حفاظتي اصولن جو خاص خيال رکن ۽ خطرناڪ هنڌن تي وڊيوز يا تصويرون ٺاهڻ کان پاسو ڪن، جيئن ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي.