لنڊن: برطانوي وزيراعظم ڪير اسٽارمر اعلان ڪيو آهي ته حڪومت 16 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا تائين رسائي تي پابندي لاڳو ڪندي. سندس چوڻ هو ته ٻارن کي آن لائن خطرن کان بچائڻ ۽ انهن جي ذهني ۽ جسماني صحت کي بهتر بڻائڻ لاءِ هي قدم ضروري آهي.
برطانوي حڪومت گذريل مهيني ان حوالي سان مشاورت جو عمل شروع ڪيو هو، جنهن جو مقصد ننڍي عمر جي ٻارن جي سوشل ميڊيا ۽ لاڳاپيل ڊوائيسز جي استعمال کي محدود ڪرڻ آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته ٻارن جي توجهه موبائل فون ۽ ليپ ٽاپ اسڪرينن تان هٽائي تعليم، راندين ۽ صحتمند سرگرمين ڏانهن منتقل ڪرڻ ضروري آهي.