آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڀائيٽي ميري ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته سندس چچا جي جسماني ۽ ذهني صحت ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي ۽ ان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي ميڊيا موجب ميري ٽرمپ پنهنجي هفتيوار نيوز ليٽر ۾ لکيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي ذهني ۽ جسماني حالت بابت وڌندڙ خدشن کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي. هن ٽرمپ جي غيرمعمولي رويي ۽ رات دير سان سوشل ميڊيا تي ڪيل پوسٽن جو حوالو ڏيندي چيو ته هو ظاهر ۾ معمولي لڳي سگهي ٿو، پر نفسياتي طور تي زوال جو شڪار آهي. ميري ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊونلڊ ٽرمپ هن وقت اهڙي ذهني دٻاءَ ۾ آهي، جتي کيس پنهنجي وقار ۽ حيثيت بابت سخت خدشا آهن. ٻئي طرف وائيٽ هائوس ميري ٽرمپ جي انهن دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته صدر جي صحت بابت اهڙيون ڳالهيون بي بنياد آهن.