: وينزويلا ۾ زلزلن سبب ٿيل جاني نقصان تي هڪ هفتي جي قومي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي
پرڏيهي ميڊيا موجب، قائم مقام صدر ڊيلسي روڊريگيز زلزلن سبب ٿيل جاني نقصان تي اڄ کان سڄي ملڪ ۾ 7 ڏينهن جي قومي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، زلزلن سبب فوتين جو انگ 2 هزار 300 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 10 هزار 571 ماڻهو زخمي ۽ 43 هزار کان وڌيڪ ماڻهو لاپتا آهن.
هوڏانهن، گڏيل قومن طرفان خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته زلزلي کان متاثر ماڻهن جو انگ 68 لک تائين پهچي سگهي ٿو.
گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري يو اين ايڇ سي آر موجب، گاديءَ واري شهر ڪاراڪاس جي اتر ۾ واقع شهر لا گوائرا زلزلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، جتي خوراڪ جي سخت کوٽ آهي، بنيادي سهولتون تباهه ٿي چڪيون آهن ۽ مواصلاتي نظام تقريبن مڪمل طور تي بند ٿي ويو آهي.