ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
ريڇ جي ڪاسٽيوم واري انوکي نوڪري، سالانه 41 لک رپيا ڪمائڻ جو موقعو وائرل

ريڇ جي ڪاسٽيوم واري انوکي نوڪري، سالانه 41 لک رپيا ڪمائڻ جو موقعو وائرل

چين جي هڪ چڙيا گهر طرفان هڪ انوکي نوڪري جو اشتهار سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ملازمن کي ريڇ جو ڪاسٽيوم پائي سياحن کي تفريح فراهم ڪرڻي آهي. هن نوڪري جي بدلي ۾ سالانه هڪ لک يوان، يعني تقريباً 41 لک پاڪستاني رپيا کان وڌيڪ تنخواهه ڏني پئي وڃي.

هي نوڪري صوبو هينان جي شهر لوهي جي لوهي وائلڊ لائيف زو طرفان پيش ڪئي وئي آهي. شرط موجب اميدوار جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 18 سال هئڻ گهرجي ۽ جسماني طور تي فِٽ هجڻ لازمي آهي. روزانو لڳ ڀڳ 6 ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو، جڏهن ته هر مهيني 4 ڏينهن موڪل به ملندي.

نوڪري دوران ملازم کي ڳالهائڻ جي اجازت نه هوندي، پر مختلف آواز ڪڍي سگهندا. انهن کي سياحن کان کاڌو وٺڻ ۽ انهن سان رابطي ۾ رهڻ لاءِ ريڇ جي روپ ۾ ئي ڪم ڪرڻو پوندو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ٿڪ محسوس ٿئي ته آرام ڪري سگهجي ٿو، ۽ جيڪڏهن توانائي هجي ته هلڻ، ٽپڻ يا وڻن تي چڙهڻ جهڙا ڪم به ڪري سگهجن ٿا.

چڙيا گهر موجب هي نوڪري نه رڳو سوشل ميڊيا تي مشهور ٿي رهي آهي پر سوين ماڻهو اڳ ئي ان لاءِ درخواستون ڏئي چڪا آهن، جڏهن ته انتظاميا کي اميد آهي ته ان سان سياحن جو تعداد ۽ آمدني ٻنهي ۾ واڌ ٿيندي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
فرانس ۾ سخت گرمي، هڪ هفتي دوران 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت
فرانس ۾ سخت گرمي، هڪ هفتي دوران 2 هزار کان وڌيڪ ما…
03 Jul 2026
طاقتور ايل نينو سسٽم سرگرم ٿيڻ جي اڳڪٿي، عالمي گرمي ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو
طاقتور ايل نينو سسٽم سرگرم ٿيڻ جي اڳڪٿي، عالمي گرم…
04 Jul 2026
سعودي اتحاد جو يمن جي حوثين کي خبردار، حملي جي صورت ۾ سخت جواب جو اعلان
سعودي اتحاد جو يمن جي حوثين کي خبردار، حملي جي صور…
04 Jul 2026
ارجنٽينا ڪيپ ورڊي کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي
ارجنٽينا ڪيپ ورڊي کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پ…
04 Jul 2026
آبنائے هرمز غير علائقائي طاقتن جي فوجي مظاهرن جو ميدان ناهي، ايران جو خبردار
آبنائے هرمز غير علائقائي طاقتن جي فوجي مظاهرن جو م…
04 Jul 2026
ٽرمپ جو اعلان: ايران سان معاهدو ختم، وڌيڪ ڳالهين کان انڪار
ٽرمپ جو اعلان: ايران سان معاهدو ختم، وڌيڪ ڳالهين ک…
08 Jul 2026
منشيات ڪيس: اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيورٽ ميڪگل جي ضمانت واري اپيل رد
منشيات ڪيس: اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيورٽ ميڪگل جي…
08 Jul 2026
واشنگٹن: چین کے بحرالکاہل میں بیلسٹک میزائل تجربے پر امریکا نے تشویش کا اظہار کر دیا۔  خبر ایجنسی کے مطابق امریکی محکمہ
واشنگٹن: چین کے بحرالکاہل میں بیلسٹک میزائل تجربے …
09 Jul 2026
جاپان ۾ عورت پنهنجي هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان سِي ڇڏي
جاپان ۾ عورت پنهنجي هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان…
09 Jul 2026
سعودي عرب پاڪستان سميت 7 ملڪن جي شهرين لاءِ سياحتي پيڪيج ويزا متعارف ڪرائي ڇڏيو
سعودي عرب پاڪستان سميت 7 ملڪن جي شهرين لاءِ سياحتي…
09 Jul 2026