نامياري پاڪستاني سينيئر اداڪارا Sania Saeed سنڌ حڪومت جي پاليسين تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته رڳو بسون هلائڻ سان شهرن جا مسئلا حل نٿا ٿي سگهن. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ وڊيو ۾ هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن ماڻهن وٽ روزگار ئي نه هجي ته هو گرين بس ۾ ويهي آخر ڪٿي ويندا؟
ثانيا سعيد چيو ته شهر ۾ وڌندڙ آبادي ۽ نوجوانن جي بيروزگاري بابت سنجيده رٿابندي نه ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت کي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ گهرجن، ڇو ته معاشي سرگرمين کانسواءِ رڳو ٽرانسپورٽ منصوبن سان ترقي ممڪن ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته ريڊ بس، اورنج بس ۽ گرين بس جهڙا منصوبا پنهنجي جاءِ تي اهم آهن، پر جيڪڏهن ماڻهن کي نوڪريون ۽ بهتر معاشي موقعا نه ملن ته انهن منصوبن جو مڪمل فائدو حاصل نه ٿي سگهندو. اداڪارا جو هي بيان سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي، جتي ڪيترن ئي صارفين سندس راءِ جي حمايت پڻ ڪئي آهي.