ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
'اسپائيڊر مين' جي نالي سان مشهور يمني نوجوان آتش فشاني کڏي ۾ ڪري فوت

'اسپائيڊر مين' جي نالي سان مشهور يمني نوجوان آتش فشاني کڏي ۾ ڪري فوت

سوشل ميڊيا تي "اسپائيڊر مين" جي نالي سان مشهور يمني نوجوان آتش فشاني کڏي ۾ ڪري فوت ٿي ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب 30 ورهين جو نوجوان الققع ابن انطار جمعي جي ڏينهن بغير حفاظتي سامان جي ملڪ جي ڏکڻ اولهه ۾ موجود آتش فشاني کڏي جي اوچين ۽ سڌين چٽانن تي اسپائيڊر مين وانگر چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو.

رپورٽن موجب هرداه ڊيم آتش فشاني کڏو يمن جي مشهور ماڳن مان هڪ آهي. نوجوان انهن عمودي چٽانن تي اسٽنٽ ڏيکاري رهيو هو ته اوچتو سندس گرفت ڇٽي وئي ۽ هو کڏي ۾ ڪري پيو.

ميڊيا رپورٽن مطابق نوجوان جو لاش غوطه خورن کي 120 ميٽر ويڪري کڏي اندر پاڻي جي سطح کان 30 ميٽر هيٺ مليو.

ان حوالي سان يمن جي سول ڊفينس اٿارٽي ريسڪيو ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته لاش کي ٻاهر ڪڍڻ وارو آپريشن انتهائي خطري وارو هو.

واضح رهي ته 30 ورهين جو هي نوجوان سوشل ميڊيا تي وڏي تعداد ۾ فالوورز رکندو هو ۽ خطرناڪ ايڪروبيٽڪ اسٽنٽس سبب خاص شهرت حاصل ڪئي هئي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
فرانس ۾ سخت گرمي، هڪ هفتي دوران 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت
فرانس ۾ سخت گرمي، هڪ هفتي دوران 2 هزار کان وڌيڪ ما…
03 Jul 2026
طاقتور ايل نينو سسٽم سرگرم ٿيڻ جي اڳڪٿي، عالمي گرمي ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو
طاقتور ايل نينو سسٽم سرگرم ٿيڻ جي اڳڪٿي، عالمي گرم…
04 Jul 2026
سعودي اتحاد جو يمن جي حوثين کي خبردار، حملي جي صورت ۾ سخت جواب جو اعلان
سعودي اتحاد جو يمن جي حوثين کي خبردار، حملي جي صور…
04 Jul 2026
ارجنٽينا ڪيپ ورڊي کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي
ارجنٽينا ڪيپ ورڊي کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پ…
04 Jul 2026
آبنائے هرمز غير علائقائي طاقتن جي فوجي مظاهرن جو ميدان ناهي، ايران جو خبردار
آبنائے هرمز غير علائقائي طاقتن جي فوجي مظاهرن جو م…
04 Jul 2026
ٽرمپ جو اعلان: ايران سان معاهدو ختم، وڌيڪ ڳالهين کان انڪار
ٽرمپ جو اعلان: ايران سان معاهدو ختم، وڌيڪ ڳالهين ک…
08 Jul 2026
منشيات ڪيس: اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيورٽ ميڪگل جي ضمانت واري اپيل رد
منشيات ڪيس: اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيورٽ ميڪگل جي…
08 Jul 2026
واشنگٹن: چین کے بحرالکاہل میں بیلسٹک میزائل تجربے پر امریکا نے تشویش کا اظہار کر دیا۔  خبر ایجنسی کے مطابق امریکی محکمہ
واشنگٹن: چین کے بحرالکاہل میں بیلسٹک میزائل تجربے …
09 Jul 2026
جاپان ۾ عورت پنهنجي هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان سِي ڇڏي
جاپان ۾ عورت پنهنجي هائوس ميٽ جا چپ سئي ۽ ڌاڳي سان…
09 Jul 2026
سعودي عرب پاڪستان سميت 7 ملڪن جي شهرين لاءِ سياحتي پيڪيج ويزا متعارف ڪرائي ڇڏيو
سعودي عرب پاڪستان سميت 7 ملڪن جي شهرين لاءِ سياحتي…
09 Jul 2026